روچيرام گجو مل

روچـيـرام گـجـو مل: سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ليکڪ روچيرام گجومل 1804ع ۾ ڄائو. هن جو سنڌي پهاڪن تي ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب 1895ع ۾ ڇپيو، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 500 سنڌي پهاڪا ۽ انهن سان گڏ انهن جي مفهوم وارا انگريزي پهاڪا ڏنل آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ صرف سنڌي پهاڪـا ڏنا ويا آهن.
روح: روح هڪ خاص شعور، عقل، تميز ۽ اختيار جي طاقت رکندڙ ’جوهر‘ جو نالو آهي، جنهن سان انسان ٻيءَ سموري زميني مخلوق کان ممتاز، اعليٰ ۽ اشرف سمجهيو ويو آهي. انسان اندر روح الله تعاليٰ جي ڪامل صفتن جو هڪ هلڪو پاڇو آهي. ان پاڇي ۽ روشنيءَ سبب انسان زمين تي خدا جو خليفو ۽ ملائڪن سميت زمين جي موجودات جو مسجود قرار ڏنو ويو. ارشاد رباني آهي: ”ياد ڪريو (اي حبيب)! ان موقعي کي جڏهن توهان جي رب ملائڪن کي چيو ته مان سڙيل مٽيءَ جي سُڪل گاري مان هڪ بشر (آدمعه)پيدا ڪري رهيو آهيان. جڏهن ان کي پورو ٺاهي وٺان ۽ پوءِ ان ۾ پنهنجي روح جو ڪجهه حصو ڦوڪيان ته توهان سڀ ان جي آڏو سجدي ۾ ڪري پئجو.“ (الحجز: 28-29)
قرآن ۽ حديث مطابق موت صرف جسم کان روح جي الڳ ٿيڻ جو نالو آهي. جسم کان جدا ٿيڻ کان پوءِ روح ختم نه ٿو ٿئي، بلڪه پوري شخصيت سان زنده رهي ٿو.


لفظ روچيرام گجو ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو